ڪراچي(م ڊ) ڪاروباري شخصيتن پي ٽي آءِ جي اڳواڻ فواد چوڌري جي ڪاروباري شخصيتن کي پنهنجي حڪومت ڪيرائڻ جو ذميوار قرار ڏيڻ تي ردعمل ۾ چيو آهي ته عمران خان پاڻ ئي فوج کي اقتصادي ۽ ڪاروباري معاملن ۾ ملوث ڪيو پهريون ڀيرو عمران دور ۾ ئي فوج جي سربراهه سان ملاقاتن جي ضرورت پئي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڪاروباري شخصيتن نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته فواد چوڌري جي ڳالهه تي ڪهڙو تبصرو ڪجي؟ حڪومت ڪيرائڻ جو الزام آمريڪا کان ٿيندي پنهنجي ئي ملڪ جي ڪاروباري برادري تي هنيو پيو وڃي. هن چيو ته عمران پاڻ ئي چوندو هو ته ملڪ جو هڪ ئي منظم ادارو فوج آهي اسان کي مسئلن جي حل لاءِ آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ سان به ملڻو پيو ته ملندو. عمران دور ۾ به هر ڪم آرمي چيف ئي ڪندو هو. حڪومتي وزيرن بيان ڏئي سعودي ولي عهد کي ناراض ڪيو ته آرمي چيف وڃي کيس پرچايو. هنن چيو ته  آرمي چيف سان ملاقات جي روايت 2018ع جي چونڊن بعد پئي، هڪ شخصيت ٻڌايو ته منهنجو بجلي جو ڪاروبار آهي منهنجو بجلي جو معاهدو به ايم آءِ ڪرايو. عمران نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل جوڙي آرمي چيف کي ان جو سربراهه مقرر ڪيو هو.