اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي طرفان چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات تي اطمينان جو اظهار، پي ٽي آءِ جي وفد چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا سان ملاقات ڪئي، شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ماضي جي الزامن کي پاسيرو رکي اي سي پي آيا هئاسين، اڄوڪي ملاقات هاڪاري ماحول ۾ ٿي آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر سان آر اوز جي مقرري جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.