اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪراچي واسين تي مهانگائي جي هڪ ٻي وِڄ ڪيرائڻ جون تياريون، وفاقي ڪابينا ڪراچي لاءِ بجلي 4 رپيا 76 پئسا مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻن مختلف ٽه ماهي ايجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، گذريل مالي سال جي شروعاتي ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي 3 رپيا 21 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيندي، ٻي ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ تحت هڪ رپيو 55 پئسا بجلي مهانگي ڪئي ويندي، ڪراچي واسين کان مارچ ۽ مئي ۾ واڌو اوڳاڙي ڪئي ويندي.