آرمي چيف جنرل عاصم منير جو عمران خان سان ملاقات کان انڪار

0
427
آرمي چيف جنرل عاصم منير
آرمي چيف جنرل عاصم منير جو عمران خان سان ملاقات کان انڪار

آرمي چيف جنرل عاصم منير عمران خان سان ملاقات کان انڪار ڪري ڇڏيو

جنرل عاصم منير ۽ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي بزنس ڪميونٽي سان ٿيل ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ آرمي چيف چيو ته هُو سياسي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندو، سياسي قيادت پاڻ ويهي مسئلا حل ڪري

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ساڻس ملاقات جي خواهش ظاهر ڪئي هئي، کيس پيغام اماڻيو آهي ته  آرمي چيف جي حيثيت ۾ ڇا منهنجو ڪم اهو آهي ته آئون سياستدانن سان ملاقاتون ڪريان؟، ملاقات ۾ ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف پروگرام بابت آرمي چيف کي اعتماد ۾ ورتو

آرمي چيف بزنس ڪميونٽي کي چيو ته ملڪ ۾ مسئلا ضرور آهن پر اسان سڀ گڏجي ملڪ کي موجوده بحران مان ڪڍنداسين

هن کي به پڙهندا

عمران خان جا گرفتاري وارنٽ معطل: 13 مارچ تي سيشن ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم