اليڪشن ڪميشن عمران خان ۽ فواد چوڌري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

0
153
اليڪشن ڪميشن عمران خان ۽ فواد چوڌري جا گرفتاري وارنٽ
اليڪشن ڪميشن عمران خان ۽ فواد چوڌري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اڳوڻي وزير اعظم عمران خان ۽ فواد چوڌري جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن

اليڪشن ڪميشن جي نثار دراني، شاهه محمود جتوئي، بابر حسن ۽ جسٽس (ر) اڪرام الله تي ٻڌل 4 رڪني بينچ حڪم جاري ڪيو

اليڪشن ڪميشن توهين اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر جي توهين واري ڪيس ۾ گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا

اليڪشن ڪميشن حڪم ڏنو آهي ته آءِ جي پوليس 14 مارچ تي عمران خان ۽ فواد چوڌري کي گرفتار ڪري پيش ڪري

حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان ۽ فواد چوڌري ڄاڻي واڻي التوا گهرندا آهن، اِهو سڀ اليڪشن ڪميشن سان مذاق برابر آهي، اهو رويو قبول ڪرڻ جوڳو ناهي

اليڪشن ڪميشن عمران خان ۽ فواد چوڌري کي 50 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو آهي

هن کي به پڙهندا

عمران خان جا گرفتاري وارنٽ معطل: 13 مارچ تي سيشن ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم