عمران خان جا گرفتاري وارنٽ معطل: 13 مارچ تي سيشن ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم

0
161
عمران خان جا گرفتاري وارنٽ معطل
عمران خان جا گرفتاري وارنٽ معطل: 13 مارچ تي سيشن ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ وارنٽ معطل ڪندي کيس 13 مارچ تي سيشن ڪورٽ آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي

عمران خان جا گرفتاري وارنٽ معطل

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان کي 13 مارچ تي سيشن ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ رد ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت 3 وڳي تائين فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو  هاڻ ٻڌايو ويو آهي

ٻڌڻي دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق عمران خان جي وڪيل کي چيو ته اهي وارنٽ جوابدارن کي جيل ۾ وجهڻ لاءِ ناهن هوندا، اوهان ٻڌايو ته عدالت جوابدار کي ٻئي ڪهڙي طريقي سان گهرائي؟قانون ۾ ته جوابدار جي حاضري يقيني بڻائڻ جو هڪ طريقيڪار آهي، قانون کي پنهنجو رستو پاڻ اختيار ڪرڻ گهرجي