سرهاڙي جي سرڪاري گودام ۾ پيل ڪڻڪ مٽي ۽ بجري ۾ تبديل!

0
325
سرڪاري گودام ۾ پيل ڪڻڪ
سرهاڙي جي سرڪاري گودام ۾ پيل ڪڻڪ مٽي ۽ بجري ۾ تبديل!

شھدادپور: سرهاري جي سرڪاري گودام ۾ پيل  ڪڻڪ ۾ مٽي ۽ بجري ملائڻ جو  انڪشاف ٿيو آهي، ان حوالي سان عدالت ۾ درخواست پڻ داخل ڪرائي وئي آهي

پي ٽي آءِ اڳواڻ غلام مصطفيٰ جمالي فوڊ انسپيڪٽر ۽ چوڪيدار تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته رات دير سان فوڊ انسپيڪٽر ۽ چوڪيدار مزدورن سان گڏجي ڪڻڪ ۾ مٽي ۽ بجري ملائي رهيا هئا، شهرين جي پهچڻ تي فوڊ انسپيڪٽر ۽  ٻيا فرار ٿي ويا، سندن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي

عدالت سڳوري درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي هيٺين عدالت ڏانهن منتقل ڪري ڇڏي