ڪراچي يونيورسٽي ۾ هوليءَ جو جشن ملهائڻ تان ڇڪتاڻ!

0
706
ڪراچي يونيورسٽي ۾ هوليءَ
ڪراچي يونيورسٽي ۾ هوليءَ جو جشن ملهائڻ تان ڇڪتاڻ!

ڪراچي: ڪراچي يونيورسٽي ۾ هولي جو جشن ملهائڻ تان ٻن شاگرد گروپن ۾ جهيڙو ٿيو آهي

متاثر شاگردن يونيورسٽي جي ايڊمنسٽريشن بلاڪ آڏو احتجاج ڪندي سنگين الزام هنيا آهن

متاثر شاگردن جو چوڻ آهي ته اسان هولي ملهائي رهيا هئاسين ته جماعت اسلامي سان تعلق رکندڙ مخالف گروپ جهيڙو ڪيو

متاثر شاگردن موجب انتظاميا شڪايت ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ شاگردن جي بااثر ڌڙي خلاف ڪابه ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي

متاثر شاگردن طرفان سنڌ حڪومت ۽ ٻين اختيارين کان نوٽيس وٺي انصاف جي اپيل ڪئي وئي آهي