ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ کان پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور خلاف داخل سمورن ڪيسن جا تفصيل طلب ڪري ورتا، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ کي بھ نوٽيس جاري، ڪالهه ٻڌڻي دوران عدالت چيو تھ ٻڌايو وڃي ته علي امين گنڊاپور کي ڇو گرفتار ڪيو ويو آھي؟ اهو به ٻڌايو وڃي ته مٿس ڪيترا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن؟  ان موقعي تي انور منصور ايڊوڪيٽ ٻڌايو ته علي امين هن وقت جيل ۾ آهي،  سندس ڀاءُ درخواست جمع ڪرائي آهي، کيس ضمانت تي آزاد ڪيو وڃي، گهرو کاتي ۽ آءِ جي سنڌ کان ڪيسن جا تفصيل طلب ڪيا وڃن،  اسان کي علي امين گنڊاپور خلاف داخل ڪيسن جا تفصيل اسان کي نه ٿا ٻڌايا وڃن، جنھن تي جسٽس عمر سيال سرڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪيو تھ ڪيسن جا تفصيل ڇو نه ٿا ڏنا وڃن؟ سرڪاري وڪيل چيو تھ درخواست جي ڪاپي اسان کي فراهم ڪئي وڃي، عدالت آءِ جي سنڌ کان علي امين گنڊاپور خلاف داخل سمورن ڪيسن جا تفصيل طلب ڪري ورتا،