حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ايم سڪس مٽياري موٽروي ۾ سوا 2 ارب رپين جي ڪرپشن واري ڪيس ۾ عبوري ضمانت ڪرائيندڙ اسلم پيرزادو جي پڪي ضمانت واري درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪندي 10 مئي تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته سياستدانن جي ڪرپشن سبب معاشرو سفر پيو ڪري. مڊل مين جو ڪردار ادا ڪندڙ به سزا جا مستحق آهن. اسان ميرٽ تي فيصلو ڪيون ٿا ان لاءِ ادارن کي گهرجي ته هو ڪرپشن ۾ ملوث جوابدارن جا کين ثبوت فراهم ڪن ته جيئن هو آساني سان فيصلو ڪري سگهن. هالا جي اهم سياسي شخصيت جي پي ايس اسلم پيرزادي پاران وڪيل معرفت داخل ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس خادم حسين سومرو تي مشتمل ڊويزن بئنچ ڪئي. جوابدار جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته اسلم پيرزادو خلاف ڪو به ثبوت ناهي ۽ نه ئي اڃا تائين سندس خلاف ڪنهن عملدار پاران ملوث هئڻ بابت شاهدي ڏني وئي آهي ان لاءِ استدعا آهي ته سندس پڪي ضمانت منظور ڪئي وڃي.  نيب جي جاچ آفيسر عدالت کي آگاهي ڏني ته جوابدار اسلم پيرزادي جو موٽر وي اسڪينڊل ۾ مک ڪردار آهي. وٽن ثبوت آهن ته هن ڪرپشن جي پئسن مان ورتل گرفتار ڊي سي عدنان رشيد جون گاڏيون به پاڻ استعمال ڪيون هيون. عدالت جاچ  آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته جوابدار اسلم پيرزادو جو ڪرپشن واري ڪيس ۾ ڪهڙو ڪردار آهي ۽ پاڻ ڇا ڪندو آهي. جاچ آفيسر آگاهي ڏني ته ڄاڻايل جوابدار سياسي اڳواڻ جو پي ايس آهي. سندس چوڻ تي ئي ڪيس ۾ گرفتار ڊي سي، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ بئنڪ جي ايريا مئنيجر ڪرپشن ڪئي. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو رمارڪس ڏنا ته مطلب هي مڊل مين آهي. اهڙن ماڻهن جو به احتساب ٿيڻ گهرجي ته جيئن جيل جي هوا کائڻ بعد هو ٻيهر اهڙو ڪو به غيرقانوني عمل نه ڪن. جسٽس چيو ته اسلم پيرزادو جهڙا ماڻهو ان خوشفهمي ۾ آهن ته هتي پاڻ کي هو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان بچائي ويندا پر اڳتي کين سزا کان سندن سياستدان به نه بچائي سگهندا ان ڪري اهڙن ماڻهن کي ضرور جيل جي هوا لڳي پر ان لاءِ نيب کي ثبوت فراهم ڪرڻا پوندا ڇاڪاڻ ته انهن ئي ماڻهن جي ڪرپشن سبب اسان پيئڻ جي صاف پاڻي سميت ٻين بنيادي سهولتن کان محروم آهيون: محمد اقبال ڪلهوڙو چيو ته هو به معاشري جو حصو آهن ۽ کين سڀ خبر آهي ته ڪير ڇا ٿو ڪري ۽ ڪنهن جي چوڻ تي ٿو ڪري پر جنهن منسب ويٺل آهن اتي کين ميرٽ جي آڌار تي فيصلا ڪرڻا هجن ٿا ان لاءِ کين ثبوت گهرجن. واضح رهي ته ڄاڻايل ڪيس ۾ معطل ڊي سي عدنان رشيد، اي سي منصور عباسي، ايريا مينيجر تابش شاهه سميت ٻيا اڳ ۾ ئي گرفتار آهن.