شڪارپور(رپورٽر) خانپور ويجھو ڪچي واري علائقي ڪوٽ شاهو ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالحق بڊاڻي واسي جوابدار ملهو، بڊاڻي جتوئي، پنهنجي 18ورھين جي نوجوان ڌي شبيران جتوئي کي نورمحمد پٽ حليم بڊاڻي سان ڪارنهن جو الزام مڙهي ڪلاشن ڪوف جا برسٽ هڻي قتل ڪري ڇڏيو ، ذريعن موجب لاش بنا غسل ۽ ڪفن جي ڳجھه ڳوھ ۾ دفنايو ويو آهي، ٻئي طرف علائقي واسين جو چوڻ ھو ته واقعو پوليس جي ملي ڀڳت سان ٿيو آھي جوابدارن ھڪ ڏينھن اڳ ڪوٽ شاھو پوليس سان 5 لک رپين جي ڊيل ڪرڻ بعد ناري کي قتل ڪيو آھي. ھوڏانھن پوليس جو چوڻ ھو ته واقعي جي ڄاڻ ناھي جاچ ڪريون ٿا ناري جي قتل جي تصديق ملي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.