حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) سنڌ جي اوقاف کاتي جون وقف زمينون مقاطعي جي بهاني ڀڳڙن مٺ تي بااثر ماڻهن جي حوالي، رڳو ميرپورخاص ڊويزن ۾ 8 هزار ايڪڙ زمين تي بااثر ماڻهن جا مقاطعي جي بهاني قبضا، اوقاف کاتي جي مئنيجر ۽ عملي جي ملي ڀڳت سبب زرخيز زمينون سرڪار لاءِ بي لاڀ بڻيل، ڪيترائي سئو ايڪڙ زمين جا کاتا به تبديل ٿي ويا، مئنيجر اوقاف ميرپورخاص پڇاڻي کان آجو، مختلف وقتن تي سندس خلاف نڪتل آرڊر به اثرائتا ثابت نه ٿيا، زمين مان ٿيندڙ غيرقانوني اُپت مان اوقاف کاتي جا اعليٰ عملدار به فيض حاصل ڪن ٿا. رپورٽ مطابق سنڌ جي اوقاف کاتي جون سڄي سنڌ ۾ وقف زمينون مقاطعي جي بهاني ڀڳڙن مٺ تي بااثر ماڻهن جي حوالي ٿيل آهن جنهن جي ڪري زمينن مان حاصل ٿيندڙ اُپت سرڪاري خزاني ۾ جمع ٿيڻ بدران اها رقم خرد برد ٿي وڃي ٿي. مليل رپورٽن مطابق رڳو ميرپورخاص ۾ مختلف درگاهن، مدرسن ۽ درسگاهن لاءِ 8 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين وقف ٿيل آهي. اها زمين وڏي عرصي کان اوقاف کاتي جي حوالي آهي پر اوقاف کاتي ميرپورخاص جي مئنيجر، ايڊمنسٽريٽو آفيسر ۽ اڪائونٽنٽ جي ملي ڀڳت سبب سرڪار لاءِ بي لاڀ بڻيل آهي. چيو پيو وڃي ته اها زمين نيلام جي صورت ۾ مقاطعي تي ڏيڻي آهي. ان نيلام ۽ زمين مان حاصل ٿيندڙ مقاطعي جي رقم مختلف رسيدن ۽ رجسٽرن ۾ درج ٿيڻي آهي پر مبينا طور آفيسرن ۽ عملي جي ملي ڀڳت جي ڪري ان زمين جي آمدني جو ڪو خاص رڪارڊ نٿو رکيو وڃي جنهن جي ڪري ڪروڙين رپين جي رقم ساليانو خرد برد ٿي وڃي ٿي. رڪارڊ جي ڇنڊ ڇاڻ مان معلوم ٿيو آهي ته وڌ مان وڌ زمين درگاهه لنواري شريف لاءِ ميرپورخاص جي مختلف ديهن وقف ڪئي هئي. اها زمين 2 کان 3 هزار رپيا ايڪڙ جي حساب سان مقاطعي ۾ نيلام ڪئي وڃي ٿي جڏهن ته زمين مان ساليانو في ايڪڙ لکين رپين جي اُپت ٿيندي آهي. اوقاف کاتي جو مئنيجر ۽ ٻيا عملدار مقاطعي جي في ايڪڙ رقم وڌائڻ بدران مقاطعيدارن کان غيرقانوني طور وڌيڪ رقم اوڳاڙين ٿا جنهن جي ڪري اهي پئسا لاڳاپيل درگاهن تائين نٿا پهچن جنهن جي ڪري انهن مرمت ۽ سار سنڀال ۾ انيڪ مشڪلاتون پيش اچن ٿيون. وقف ٿيل زمين ۾ پنهنجي وقت جي مشهور شخصيت رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي جي 300 ايڪڙ زمين به شامل آهي جيڪا ديهه ڊينگاڻ ۾ موجود آهي. ذريعن موجب ان زمين جي لاءِ منظور ٿيل پاڻي علائقي جي ٻين بااثر زميندارن پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو آهي جنهن جي ڪري اها زمين ذري گهٽ غير آباد ٿي بنجر بڻجي رهي آهي. اهڙي ريت ڪوٽ غلام محمد جي علائقي ۾ 390 ايڪڙ زمين جا کاتا تبديل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اها زمين به درگاهه لنواري شريف لاءِ وقف ڪئي وئي هئي. ان زمين جي کاتن جي تبديلي جي ڪيس جي جاچ نيب به ڪري چڪي آهي پر اڃا تائين لاڳاپيل عملدارن توڙي عملي خلاف ڪا ڪارروائي عمل ۾ اچي نه سگهي آهي.