سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن کي محفوظ ٿيل فيصلا ٻڌائڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي

0
37
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 6 ججز جو خط: سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 6 ججز جو خط: سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن کي محفوظ ٿيل فيصلا ٻڌائڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي، اٽارني جنرل کي عملدرآمد رپورٽ  جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو

 عدالت چيو آهي ته صرف انهن ڪيسز جا فيصلا ٻڌايا وڃن، جن ۾ نامزد  ماڻهو عيد کان اڳ آزاد ٿي سگهن ٿا، فوجي عدالتن ۾ سولينز  جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن تي جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 6 رڪني لارجر بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي هلائي

 جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس شاهد وحيد، جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس عرفان سعادت بئنچ ۾ شامل، اٽارني جنرل سپريم ڪورٽ آڏو خصوصي عدالتن مان 15 کان 20 جوابدارن جي آزاد ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو

 اٽارني جنرل عدالت کي آگاهه ڪيو ته بريت ۽ گهٽ سزا وارن کي رعايت ڏئي آزاد ڪيو ويندو، مجموعي طور تي 105 جوابدار فوج جي تحويل ۾ آهن

عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته فيصلا ٻڌائڻ جي اجازت اپيلن جي حتمي فيصلي سان مشروط هوندي، عدالت اٽارني جنرل کي عملدرآمد رپورٽ رجسٽرار وٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ٻڌڻي اپريل جي ٽئين هفتي تائين ملتوي