اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز طرفان خط معاملو ڳنڀير شڪل اختيار ڪري ويو

0
53
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز طرفان خط معاملو ڳنڀير شڪل اختيار ڪري ويو
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز طرفان خط معاملو ڳنڀير شڪل اختيار ڪري ويو

عدالتي معاملن ۾ ڳجهن ادارن جي مبينا مداخلت بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز طرفان لکيل خط وارو معاملو ڳنڀير شڪل اختيار ڪري ويو، سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ جو گذريل ڏينهن پڌرنامو جاري نه ٿي سگهيو

 وزيراعظم شهباز شريف چيف جسٽس قاضي  فائز عيسيٰ سان اڄ ملاقات ڪندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته وزير قانون اعظم نذير تارڙ ۽ اٽارني جنرل منصور اعواڻ به وزيراعظم سان گڏ سپريم ڪورٽ پهچندو، وزيراعظم ۽ چيف جسٽس وچ ۾ منجهند 2 وڳي ملاقات ٿيندي

 ذريعن موجب ملاقات ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ججز جي خط تي ڳالهه ٻولهه سان گڏ  وزيراعظم ٽيڪسز بابت ڪيسز جي جلد فيصلن جي درخواست ڪندو، سپريم ڪورٽ جي ججز طرفان خط معاملي تي فل ڪورٽ  اجلاس اڄ ٻيهر ٿيڻ جو امڪان آهي