واپاري ڌرمينڌر جو ڪشمور پوليس تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ جو الزام، ملڪ ڇڏڻ جو چتاءُ

0
43

ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) واپاري ڌرمينڌر جو ڪشمور پوليس تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ جو الزام هنيو ويو، واپاري ڌرمينڌر جو ڪشمور پوليس تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ جو الزام، آءِ جي سنڌ کي درخواست، ملڪ ڇڏڻ جو چتاءُ ڏنو ويو

واپاري آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪندي چيو ته ايڪسپورٽ جو بزنس ڪندو آهيان، ڪشمور ۾ منهنجي خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو  ويو آهي

واپاري ڌرمينڌر چيو ته فريادي سان ڪو به تعلق ناهي، نه ئي ان سان ڏيتي ليتي ڪئي  آهي، ڪيس داخل ٿيڻ سبب آئون ۽ منهنجا گهر ڀاتي خوفزده آهن، ڪاروبار ڪرڻ مشڪل بڻايو ويو آهي

هن وڊيو بيان ۾ چتا ڏيندي چيو ته منهنجي خلاف ڪشمور ۾ داخل ڪوڙو  ڪيس ختم ڪيو وڃي نه  ته ملڪ ڇڏڻ  تي مجبور ٿينداسين

ايس ايس پي ڪشمور جو چوڻ آهي ته فراڊ جو معاملو آهي، ڌرمينڌر تي ڪيس  داخل ڪرائيندڙ به هندو برادري سان تعلق رکي ٿو

ايس ايس پي ڪشمور موجب اي ايس پي کي جاچ جو حڪم ڏنو آهي، شفاف انڪوائري ٿيندي، ڪنهن سان به  زيادتي نه ٿيندي، اي ايس پي جاچ شروع ڪئي آهي، ڌرميندر  جاچ آفيسر آڏو بيان رڪارڊ ڪرائي ۽ جاچ  ۾ تعاون ڪري