وزيراعظم يقين ڏياري ڇڏيو ته ارسا چيئرمين جي مقرري جو نوٽيفڪيشن واپس ورتو ويندو:ڄام خان شورو

0
47

ڪراچي: وزيراعظم شهباز شريف سنڌ جي خدشن تي ارسا چيئرمين جي مقرري واري معاملي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته وزيراعظم يقين ڏياري ڇڏيو ته تڪراري بڻيل ارسا چيئرمين جي مقرري جو نوٽيفڪيشن واپس ورتو ويندو

آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو سنڏ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته وڏي وزير مراد علي شاهه وزيراعظم شهباز شريف سان فون تي رابطو ڪري  سنڌ جا خدشا  ٻڌائي ڇڏيا

هن چيو ته وزيراعظم يقين ڏياريو آهي ته ارسا چيئرمين جي مقرري جو نوٽيفڪيشن واپس ورتو ويندو، محمود ظفر جي مقرري کي غيرقانوني قرار ڏئي چڪا آهيون، چاهيون ٿا ته ارسا جو چيئرمين غير تڪراري هجي، اميد آهي ته وزيراعظم  سنڌ  جي موقف جي تائيد ڪندو

هي به پڙهندا

محمود ظفر کي ارسا جو چيئرمين مقرر ڪرڻ تي مراد علي شاهه جو وزيراعظم سان رابطو