ظفر محمود کي ارسا جو چيئرمين مقرر ڪرڻ تي مراد علي شاهه جو وزيراعظم سان رابطو

0
50

ڪالاباغ ڊيم جي ڪٽر حامي ظفر محمود کي ارسا جو چيئرمين مقرر ڪرڻ تي سنڌ جي وڏي وزير جو وزيراعظم شهباز شريف سان ٽيليفونڪ رابطو

وڏي وزير مراد علي شاهه وزيراعظم کان تڪراري بڻيل ارسا چيئرمين جي مقرري وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

وڏي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته وزيراعظم کي سنڌ جا خدشا ٻڌائي ڇڏيا، ارسا چيئرمين جي مقرريءَ کي رد ڪيون ٿا، سنڌ ڪابينا ۾ احتجاج جو فيصلو ڪيو آهي

هن ٻڌايو ته ارسا جو مقصد ئي اهو هو ته ان  ۾ وفاق جي ڪا مداخلت  نه هجي، نگران حڪومت ۾ترميمي آرڊيننس آندو ويو هو، جنهن موجب وفاق جو هڪ نمائندو ارسا جو ميمبر هوندو، سنڌ ڪابينا مڪمل ٿي وئي آهي، صوبي ۾امن امان جي صورتحال گهڻي بهتر آهي

هي به پڙهندا

وزيراعظم يقين ڏياري ڇڏيو ته ارسا چيئرمين جي مقرري جو نوٽيفڪيشن واپس ورتو ويندو:ڄام خان شورو