سانگهڙ ويجهو مڙس جو ڪارنهن الزام ۾ زال تي وحشياڻو تشدد، زهر پياري ڇڏيو، مرڻينگ

0
63

سانگهڙ (رپورٽر) پنجن ٻارن جي ماءُ کي ڪارنهن الزام هيٺ مڙس مبينا تشدد ڪري زهر پياري مرڻينگ ڪري ڇڏيو، عورت اسپتال منتقل

خبر موجب ڳوٺ صلاح الدين نظاماڻي ۾ پنجن ٻارن جي ماءُ زرينا ڀيل کي مڙس گلو ڀيل ڪارنهن الزام هيٺ مبينا تشدد ڪري زهر پياري ڇڏيو، جنهن ڪري عورت جي حالت خراب ٿي وئي، عورت کي مرڻينگ حالت ۾ اسپتال آندو ويو

اطلاع تي سانگهڙ پوليس پهچي زخمي عورت کي سول اسپتال سانگهڙ منتقل ڪيو، عورت ٻڌايو ته سندس مڙس مون تي هر وقت شڪ ڪندو آهي، ڪالهه ڪڻڪ جي لاباري تي ويل هيس، جيئن ئي گهر پهتس ته مڙس گلو ڀيل نشي ۾ ڌت ٿي مون کي چيو تون ڪاري آهين، توکي ماريندس، جنهن بعد هن مون تي ڏنڊن سان تشدد ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو

هن ٻڌايو ته تشدد بعد مڙس زبردستي زهريلي دوا پياري ڦٽو ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو، پوليس موجب جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن