اڪثر فلمي هستيون ڊارڪ ويب استعمال ڪن ٿيون: ڪنگنا رناوت

0
88

اڪثر فلمي هستيون ڊارڪ ويب استعمال ڪن ٿيون: ڪنگنا رناوت

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي هيروئن ڪنگنا رناوت جو چوڻ آهي ته ڪيتريون ئي مشهور فلمي شخصيتون ڊارڪ ويب استعمال ڪن ٿيون

سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ دعويٰ ڪئي ته مشهور فلمي هستيون هڪٻئي جي ذاتي واٽس ايپ ۽ اي ميلز تائين پهچ لاءِ به ڊارڪ ويب کي استعمال ڪري رهيون آهن

مرڪزي حڪومت کي ان سلسلي کي روڪڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ گهرجي، جيڪڏهن انهن خلاف ڪريڪ ڊائون ٿيو ته وڏا وڏا نالا سامهون ايندا

  ڪنگنا رناوت انهن مشهور فلمي شخصيتن جو نالو ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو جيڪي ان جي دعويٰ موجب ڊارڪ ويب استعمال ڪن ٿيون