سپريم ڪورٽ ۾ شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو قتل بابت صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي، بلاول عدالت پهچي ويو

0
62
جيڪو سچ ڳالهائي ٿو ان سان اهو ئي ٿئي ٿو جيڪو 6 ججز سان ٿي رهيو آهي: چيف جسٽس
جيڪو سچ ڳالهائي ٿو ان سان اهو ئي ٿئي ٿو جيڪو 6 ججز سان ٿي رهيو آهي: چيف جسٽس

سپريم ڪورٽ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو قتل جي قتل بابت صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي، بلاول ڀٽو زرداري به عدالت پهچي ويو

 چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 9 رڪني لارجر بينچ صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي هلائي رهي آهي

 عدالتي معاون جسٽس رٽائرڊ منظور ملڪ چيو ته 6 فيبروري 1979 تي سپريم ڪورٽ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شريڪ جوابدار جي سزا  برقرار رکي هئي

 احمد رضا قصوري جي درخواست تي ئي ڪيس داخل ڪيو ويو هو، اهم ڳالهه اها آهي ته قتل جي پهرين جاچ بند ڪيئن ٿي ۽ ٻيهر شروع ڪيئن ٿي؟ پهرين اهو چئي جاچ بند ڪئي وئي ته جوابدار جو ڪو به پتو نه پيو آهي