سکر ۾ بيدردي سان قتل ٿيل نينگر جو لاش رکي ڌرڻو

0
40
سکر ۾ بيدردي سان قتل ٿيل نينگر جو لاش رکي ڌرڻو
سکر ۾ بيدردي سان قتل ٿيل نينگر جو لاش رکي ڌرڻو

سکر (رپورٽر) سکر ۾ بيدردي سان قتل ٿيل نينگر جو لاش رکي ڌرڻو، مقتول زين العابدين جي وارثن پاران روڊ بلاڪ ڪري نعريبازي، ڌرڻي ۾ نينگر جي امڙ ۽ والد به شريڪ هئا

 وارثن چيو آهي ته نينگر کي اجتماعي بدفعلي جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪيو ويو، پوليس بااثر جوابدارن کي بچائڻ لاءِ ڪوبه سهڪار نٿي ڪري

مظاهرين طرفان آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي سکر کان نوٽيس وٺي جوابدارن کي ڪيفر ڪردا تائين پهچائڻ جو مطالبو ڪيو ويو

 گهرو وزير ضياءُ لنجار پاران واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي سکر کي جوابدار جلد گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي