ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ بخشاپور واسي نوجوان قتل

0
54
مختلف شهرن ۾ سنڌ پوليس مٿان 3 حملا، 2 اي ايس آءِ شهيد، 3 اهلڪار زخمي
مختلف شهرن ۾ سنڌ پوليس مٿان 3 حملا، 2 اي ايس آءِ شهيد، 3 اهلڪار زخمي

ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ بخشاپور واسي نوجوان راڻو ڊومڪي قتل ٿي ويو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو

عمران ۽ راڻو ڊومڪي موٽر سائيڪل تي وڃي رهيا هئا ته اڻڄاتل هٿياربندن مٿن فائرنگ ڪئي، زخمي عمران ڊومڪي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو

 پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو، نوجوان راڻو ڊومڪي قتل ٿي ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون

مقتول جي وارثن چيو آهي ته بڊاڻي ڌُر جي هٿياربندن راڻي کي قتل ڪيو آهي، جڏهن ته بڊاڻي ڌُر پاران قتل ۾ ملوث هجڻ جي الزامن جي ترديد ڪئي وئي آهي

هي به پڙهندا

چوٽياريون: ڪوئلي جي کاڻ وٽ ٽنڊو مٺاخان واسي پورهيت هٿياربندن هٿان قتل