ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب پاران خساري ۾ هلندڙ سمورن ادارن کي خانگائڻ جو ٻيهر اعلان

0
33
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب پاران خساري ۾ هلندڙ سمورن ادارن کي خانگائڻ جو ٻيهر اعلان
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب پاران خساري ۾ هلندڙ سمورن ادارن کي خانگائڻ جو ٻيهر اعلان

ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب پاران خساري ۾ هلندڙ سمورن ادارن کي خانگائڻ جو ٻيهر اعلان ڪيو ويو آهي

 پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تقريب کي خطاب ۽ بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف جي وڏي پروگرام ۾ شامل ٿي رهيا آهيون

هن چيو ته جيڪي ادارا خساري ۾ آهن انهن کي نجڪاري ڏانهن کڻي وينداسين، ايف بي آر ۾ سڌارن تي ڪم جاري آهي، حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي ايندي

 محمد اورنگزيب چيو ته زرعي شعبي ۾ واڌ جي شرح 5 سيڪڙو رهي، چانورن جو بمپر فصل ٿيو آهي، ڪڻڪ جي پيداوار بابت به سٺي خبر آهي

هن چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ کاتو بهتر آهي، مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي ٿي آهي، اهي سموريون ڪاميابيون وزيراعظم شهباز شريف جي گذريل دور واري ايس بي اي معاهدي جو نتيجو آهن

 نگران حڪومت  به معيشت جي بحاليءَ لاءِ بهتر ڪم ڪيا، 14 ۽ 15 اپريل تي ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف سان گڏجاڻيون ٿينديون

محمد اورنگزيب چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري ۽ هوائي اڏن جي آئوٽ سورسنگ تي جوڳي اڳڀرائي ٿي آهي، جون کان اڳ آءِ ايم ايف سان نئين پروگرام لاءِ اسٽاف ليول معاهدو ڪرڻ چاهيون ٿا