4 ڄڻن مونکي بند ڪمري ۾ قتل ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو، ڪجهه به ٿيو ته وڊيو رليز ٿيندي

0
254

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جيستائين شهباز شريف، راڻا ثناءُ الله ۽ هڪ ميجر استعيفيٰ نٿا ڏين، تيستائين عوام احتجاج ڪري، ٽنهي ڄڻن جي موجودگيءَ سبب واقعي جي شفاف جاچ نٿي ٿي سگهي، صحتياب ٿيڻ بعد ٻيهر اسلام آباد جي ڪال ڏيندس
عمران خان چيف جسٽس عمر عطا بنديال کي مخاطب ٿيندي چيو ته ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائڻ سندس ذميواري آهي، چيف جسٽس کان شهباز گل، اعظم سواتي ۽ ٻين تي تشدد واقعن جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي
پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر آرمي چيف کي مخاطب ٿيندي چيو ته اٿئو، هي ملڪ تباهي طرف وڃي رهيو آهي
عمران خان چيو ته واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر سڀ ڊڄن ٿا ڇو ته هي ادارو قانون کان مٿانهون آهي، هن سوال ڪيو ته ڇا ”انسانن خلاف تشدد ۾ ملوث فوج جي ماڻهن“ خلاف ڪارروائي ڪرڻ سان فوج جو وقار بلند ٿيندو يا گهٽ ٿيندو؟
عمران خان چيو ته مٿس 2 مختلف طرفن کان فائر ڪيا ويا ۽ هو زخمي ٿي پيو ۽ هيٺ ڪري پيو، حملي آورن جو خيال هو ته هو مري ويو آهي
عمران خان دعويٰ ڪئي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل، صحافي جميل فاروقي ۽ سينيٽر اعظم سواتي تي هڪ بااثر شخص طرفان تشدد ڪرايو ويو، اعظم سواتي کي تشدد جو نشانو بڻائڻ سان دنيا ۾ پاڪستان جي بدنامي ٿي
عمران خان دعويٰ ڪئي ته وزيرآباد ۾ ٽن ڄڻن هڪ ڏينهن اڳ کيس قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو. هن چيو ته اهي ٽي ماڻهو انهن چئن ماڻهن کان مختلف هئا جن بابت مون اڳ ۾ ڳالهايو هو

ھي به پڙھندا

عمران خان جي حياتيءَ کي خطرا آهن: راڻا ثناءُالله

لانگ مارچ دوران فائرنگ ۾ زخمي ٿيل عمران خان جي حالت خطري کان ٻاهر

تحريڪ انصاف پاران عمران خان تي حملي خلاف سڄي ملڪ ۾ مظاهرن جو اعلان

ڪي پي جي وزير انور زيب خان پاران هٿيار کڻي راڻا ثناءُ الله کي ڌمڪيون، وڊيو وائرل