ادارن تي حملا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين: آصف زرداري

0
179

اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته ادارن تي حملا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين، ادارن جي بقا سان ئي ملڪ جي بقا آهي، هڪ شخص کي نه ملڪي سلامتيءَ جو فڪر آهي ۽ ادارن جو، ان شخص کي رڳو اقتدار، اقتدار ۽ اقتدار کانسواءِ ٻيو ڪجهه نظر نه ٿو اچي

آصف زرداري پنهنجي  بيان ۾ چيو ته اسان دشمن جي هر سازش کي ناڪام بڻائينداسين

هن چيو ته هڪ شخص ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ لاءِ هر حد اورانگهي رهيو آهي، دشمن هن ڀيري اندر جي ماڻهن کان حملو ڪرايو آهي

اڳوڻي صدر آصف زرداري وڌيڪ چيو ته اسان دشمن جي ان سازش کي به ناڪام بڻائينداسين