پاڪ فوج عمران خان جي دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو

0
332

راولپنڊي ( بيورو رپورٽ ) پاڪ فوج پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو، آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب اداري جي سينيئر آفيسر تي الزام مڙهڻ وارو عمل انتهائي افسوسناڪ آهي، اداري ۽ جوانن تي لڳايل الزامن جي مذمت ڪريون ٿا، پاڪ فوج کي منظم ادارو هجڻ تي فخر آهي، پاڪ فوج انتهائي پيشوراڻي ضابطن تي ٻڌل تنظيم آهي، هڪ فوجي آفيسر تي لڳايل الزام بي بنياد آهن، اداري يا جوانن کي بي عزت ڪرڻ جِي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي، ادارو آفيسرز ۽ جوانن جي ڀرپور حفاظت ڪندو، وفاقي حڪومت کي معاملي جي جاچ لاءِ درخواست ڪئي آهي، بنا ثبوت جَي الزام لڳائيندڙ شخص خلاف حڪومت ڪارروائي ڪري

4 ڄڻن مونکي بند ڪمري ۾ قتل ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو، ڪجهه به ٿيو ته وڊيو رليز ٿيندي