عمران خان تي حملو، ڪيس داخل ڪرائڻ تان پي ٽي آءِ قيادت ۽ پرويز الاهي ۾ تڪرار

0
192

لاھور: عمران خان تي حملي واري واقعي جي ايف آ آر داخل ڪرائڻ تان تحريڪ انصاف جي قيادت ۽ پنجاب جي وڏي پرويز الاهي ۾ تڪرار تيز ٿي ويو آھي

ذريعن موجب عمران خان 3 ڄڻن جا نالا ڪيس ۾ نامزد نه ٿيڻ جي صورت ۾ ايف آءِ آر درج ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ذريعن موجب وڏي وزير پرويز الاهي جو اصرار آهي ته ايف آءِ آر ۾ عمران خان جي ذڪر ڪيل ٽن ڄڻن مان رڳو 2 ڄڻن جا نالا شامل ڪيا وڃن

وڏي وزير پرويز الاهي پاران ايف آءِ آر واري معاملي تي تحريڪ انصاف جي قيادت کي قائل ڪرڻ جون ڪوششون جاري آھن

واقعي جي ايف آءِ آر داخل نه ٿيڻ سبب جاچ ۽ جي آءِ ٽي جوڙڻ وارو عمل به رولڙي جو شڪار آھي

ھي به پڙھندا

4 ڄڻن مونکي بند ڪمري ۾ قتل ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو، ڪجهه به ٿيو ته وڊيو رليز ٿيندي