ڳڙهي ياسين ( ن پ ا ) پ پ تعلقه ڳڙھي ياسين جو اڳوڻو نائب صدر اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ۽ وقتي گورنر آغا سراج دراني جو ويجھو ساٿي امام بخش جکرو دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو، جنھن جي  جنازي نماز ڳوٺ مصري واھڻ  ۾ ادا ڪئي وئي، نماز جنازه ۾ پ پ ڪارڪنن، جکرا برادري سميت  سياسي ، سماجي ، مذھبي تنظيمن جي اڳواڻن ڪارنن ۽  شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ، مرحوم جو مڙهه سوين آلين اکين سان پير نهال شاهه ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو ، مرحوم جو تڏو ڳڙهي ياسين ڀرسان ڳوٺ مصري واهڻ ۾ وڇايو ويو جتي سندس پونيئرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.