قمبر ( رپورٽر)  قمبر ۾گيس بحال نه ٿيڻ خلاف مختلف محلن جي رهواسين سوئي گئس آفيس جي مک دروازي تي تئو ٽنگي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي سراج چانڊيو، عبدالرحمان چانڊيو، غفار ٽوٽاڻي چيو ته چانڊيا محلي، برڪت شاهه محلي، غريب آباد محلي، باگوديرو محلي سميت ڪيترن محلن ۾گئس بند آھي، گئس جي پائيپ لائينن ۾ آيل پاڻي ۽ ليڪيج انتظاميا بند ڪرائي ناهي سگهي آھي.ڏيڍ مهيني کان گئس نه هئڻ سبب رڌ پچاءَ ۾ سخت تڪليف جو منهن ڏسڻو پوي ٿو.