ڳڙھي ياسين (رپورٽ: حزب الله پيرزادو) ڳڙھي ياسين ڀرسان هٿياربندن  فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ رات دير سان ڳڙھي ياسين ٿاڻي جي حد ڳوٺ وڌڪي انڙ ۾  نامعلوم ھٿياربندن جي فائرنگ ۾  نوجوان مختيار انڙ قتل ٿي ويو، اطلاع تي   پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ان حوالي سان مقتول نوجوان جي سئوٽ  امداد انڙ ٻڌايو ته آئون ۽  مختيار انڙ رات دير سان ڳوٺ لنڊي انڙ کان موٽرسائيڪل تي  پنھنجي ڳوٺ اچي رهيا هئا سين ته رستي ۾  منگر واھ وٽ نامعلوم ھٿياربند چورن اسان مٿان حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن دوران سئوٽ مارجي ويو، جوابي فائرنگ ۾ جوابدار موٽرسائيڪل ڇڏي فرار ٿي ويا.  جڏهن ته  ايس ايچ او ڳڙھي ياسين ٻڌايو ته اسان کي رات دير سان مختيار انڙ جي مارجڻ جو اطلاع مليو، واقعي جو ڪارڻ معمول ڪرڻ لاءِ جاچ ڪري رهيا آهيون.