ملير(رپورٽر) ملير ۾ بحريا ٽائون ويجهو ڊاڪٽر ٽارگيٽ بڻائي قتل، ان ڏس ۾ گڏاپ ٿاڻي جي حد ۾ سپر هاءِ وي تي بحريا ٽائون ويجهو عثمانيا هوٽل ڀرسان ڪار ۾سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري قاسم ڳوٺ جي رهواسي 34 سالن جي ڊاڪٽر محمد هارون پٽ مير محمد کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس مقتول جو لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو، ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او ذوالفقار آرائين پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته بحريا ٽائون ويجهو واقع  قاسم ڳوٺ جو رهواسي ڊاڪٽر محمد هارون آفريدي ڪلينڪ تي وڃڻ لاءِ گهران نڪتو،  عثمانيا هوٽل ڀرسان تاڙ ۾ بيٺل ڪار سوار هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪري ڏني،  جنهن جي نتيجي ۾ محمد هارون آفريدي ٿڏي تي دم ڏنو، مقتول جون 2 شاديون ٿيل هيون، سندس هڪ زال پشاور ۽ ٻي زال ڪراچي ۾ رهندي هئي، ڊاڪٽر کي اولاد نه هو ، پوليس موجب واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي رهيو آهي