ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا نيها ڌوپيا پنهنجي شادي کان اڳ ڳورهاري هجڻ ۽ ان تي پنهنجي پيءُ ماءُ طرفان آيل ردعمل بابت انڪشاف ڪيو آهي. ڀارتي اداڪارا نيها ڌوپيا هڪ انٽرويو دوران شادي کان اڳ ڳورهاري هجڻ جي ان خبر کي پيءُ ماءُ سان شيئر ڪرڻ ۽ ان تي سندن ردعمل بابت کُلي ڳالهايو آهي. اداڪارا انٽرويو دوران چيو ته منهنجي ۽ مڙس انگت جي شادي اهڙي هئي جنهن جي پهريان ڪا به منصوبابندي نه ڪئي وئي هئي، ڇو جو آئون شادي کان اڳ ئي ماءُ بڻجڻ واري هيس، ان ڪري جڏهن اها خبر آئون پنهنجي پيءُ ماءُ کي ٻڌائي ته اُهي بلڪل پرسڪون رهيا، کين ان خبر سان خوشي ملي هئي.اداڪارا ٻڌايو ته منهنجي والدين سختي سان مون کي 72 ڪلاڪن جو الٽي ميٽم ڏنو هو، والدين چيو هو ته اوهان وٽ 72 ڪلاڪ آهن، ان کان جو اسان ان شادي کي تسليم نه ڪريون، جلد شادي ڪري ڇڏيو.