ڪريم بخش کوسو (اسپورٽس نيوز): ڪريم بخش کوسو ۾ ستين مرحوم مقيم خان کوسو نائيٽ ٽينس بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ داخل ٿي ويو، جنهن ۾ 8 ٽيمن جي وچ ۾ ڪوارٽر رائونڊ جي لاءِ دلچسپ مقابلا ٿيا، پهرين ميچ ۾ خان اليون جو مقابلو الفتح اليون سان ٿيو، خان اليون ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، خان اليون مقرر 8 اوورن 95 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، الفتح اليون جوابي ٽارگيٽ جي پٺيان هدف حاصل نه ڪري سگهيو، ٻئي ميچ المرتصي اليون جو الصادق اليون سان ٿيو، المرتصي اليون مقرر اوورن ۾ 83 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، الصادق اليون ٽارگيٽ جي پٺيان هدف آساني سان حاصل ڪري ورتو، ٽيئن ميچ بنگلاڻي اليون جو الغني اليون سان ٿيو، الغني اليون مقرر اوورن ۾ 85 رانسن جو ٽارگيٽ ڏنو، بنگلاڻي اليون هدف جي پٺيان آخري ٽن بالن ۾ طيب ٽانوري 3 ڇڪا هڻي ميچ برابر ڪرايو، سپر هڪ اوور جو ميچ ٿيو، بنگلاڻي اليون 9 رنسون ٺاهيو، الغني اليون بٽسمينن آخري بال تي هدف پورو ڪيو، چوٿين ميچ ويلڪم اليون جو مقابلو ڪوٽ جنگو اليون سان ٿيو، ويلڪم اليون پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 103 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، ڪوٽ جنگو جي بٽسمينن هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ويلڪم اليون جي بالرن کي ڪٽڪو ڏئي ميچ آساني سان کٽي ورتو، اهڙي ريت سيمي فائنل رائونڊ ۾ خان اليون، الصادق اليون، الغني اليون، ڪوٽ جنگو اليون پهتا آهن، فائنل رائونڊ ۾ پهچڻ لاء دلچسپ مقابلا ٿيندا .