ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ڪراچي ۾ ميڊيا ڪانفرنس ڪندي ڪپتان چيو ته اڳوڻي فاسٽ بالر منهنجي رن ريٽ جي حوالي سان جيڪو چيو مان اهو نه ٻڌو پر هن کي ڳالهائيندي ڪجهه خيال ڪرڻ گهرجي، اهو پاڻ به ڪڏهن ڪرڪيٽر رهيو آهي. بابراعظم چيو ته سڀني جي پنهنجي راءِ هوندي آهي، اسان هُنن جون ڳالهيون ٻڌندا آهيون نه ئي ٻاهر جون ڳالهيون اندر آڻيندا آهيون، اڳوڻا ڪرڪيٽر ضرور ڳالهائين پر رانديگر جي حيثيت سان اوهان پاڻ به انهن سمورين حالتن مان گذريل هوندا آهيون، انٽرنيشنل سطح تي کيڏڻ ڪيترو مشڪل ۽ ذميواري ۽ دٻاءَ جو ڪم هوندو آهي اهو اوهان سڀ ڄاڻو ٿا.هن چيو ته اوهان ڳالهايو ضرور پر ڪنهن جي ذات تي حملو نه ٿيڻ گهرجي. واضح رهي ته عاقب جاويد بابراعظم ۽ محمد رضوان بابت چيو هو ته پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جا اوپنر پاڪستان کي ڪابه ٽورنامينٽ کٽائڻ وارا نه آهن.