ڪراچي(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي. نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ طرفان ڪين وليمسن 15 رڪني ٽيم جي قيادت ڪندو. ٽيم جي ٻين رانديگرن م فن ايلن، ٽرينٽ بولٽ، مائيڪل بريسويل، مارڪ چيمپين ۽ ڊيون ڪانوي شامل آهن. هنن کان سواءِ مارٽن گپٽل، لوڪي فرگوسن، ايڊم ملن، ڊيرل ميچل، جمي نيشم، گلين فلپس، ميچل سينٽنر، ايش سوڌي ۽ ٽم سائوٿي به اسڪواڊ جو حصو آهن. اعلان ڪيل اسڪواڊ جي حوالي سان نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ جو چوڻ آهي ته نيوزيلينڊ جو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ اڪواڊ ئي ٽه ملڪي سيريز ۾ حصو وٺندو. واضح رهي ته ٽه ملڪي سيريز 7 آڪٽوبر کان نيوزيلينڊ، پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ کيڏي ويندي.