ڪراچي(اسپورٽس نيوز) مهيلا جئي ورڌني چيو آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ بابراعظم جي فارم پاڪستان لاءِ ٿوري پريشانيءَ جو سبب آهي، اهو جهڙي طرح ٻن سالن کان بيٽنگ ڪري رهيو آهي ان لحاظ سان هيءَ ٽورنامينٽ ڳڻتيءَ جو سبب آهي، هاڻي به سمجهان ٿو ته بابراعظم هڪ ڪوالٽي پليئر آهي. مهيلا چيو ته ممڪن آهي ته ايشيا ڪپ جو حصو هئڻ ۽ پاڪ ڀارت ميچ جو دٻاءُ هجي، پاڪستان ٽورنامينٽ ۾ بابراعظم جي فارم کي مِس ڪيو،  هن چيو ته سمورا وڏا بيٽر اهڙي مرحلي مان ضرور گذرندا آهن، مونکي يقين آهي ته بابراعظم ڪم بيڪ ڪندو، هن جو ڪم بيڪ مضبوط طريقي سان هوندو. مهيلا جئي ورڌني بابراعظم کي مشورو ڏنو ته ورلڊ ڪپ ۾ ڪپتاني ۽ هيڏانهن هوڏانهن جون شيون وساري ڇڏيو ۽ بيٽر بڻجو، جيترو ممڪن ٿي سگهي ٿو بيٽر بڻجي رهو ۽ ان کانپوءِ گرائونڊ ۾ ڪپتاني جو سوچيو. هن چيو ته ڪپتاني ۽ ٽيم جي اهم رانديگر جي ذميوارين کي الڳ الڳ رکڻو هوندو.