سکر(بيورو رپورٽ) صوبائي صحت کاتي پاران گھوٽڪي، ميرپور ماٿيلو ۽ پنوعاقل جي اسپتالن کي غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج سکر جي ماتحت ڪرڻ جو فيصلو، جي ايم سي جي پرنسپال ڊاڪٽر ذوالفقار سومرو جون ٽنهي اسپتالن جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽس سان گڏجاڻيون، مختلف معاملن تي غور. اِن ڏس ۾ حاصل ڪيل ڄاڻ موجب صحت واري صوبائي وزير عذرا پيچوھو جي ھدايتن تي صحت کاتي طرفان گھوٽڪي، ميرپورماٿيلو ۽ پنوعاقل اسپتالن کي غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج سکر جي ماتحت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. اھڙي فيصلي بعد چيئرمين ٽيچنگ اسپتال مئنجيمينٽ بورڊ ۽ جي ايم سي ڪاليج جي پرنسپل پروفيسر ڊاڪٽر ذوالفقار علي سومري گھوٽڪي، پنوعاقل ۽ ميرپور ماٿيلو اسپتالن جو دورو ڪري ڄاڻايل ادارن م موجود سھولتن جو جائزو ورتو ۽ ٽنهي ادارن جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽس سان ملاقاتون ڪري صحت جي حوالي سان درپيش مسئلن بابت آگاھي ورتي. اسپتالن جي دوري دوران پروفيسر ڊاڪٽر ذوالفقار علي سومرو جو چوڻ ھو ته صحت کاتي گھوٽڪي، ميرپور ماٿيلو ۽ پنوعاقل اسپتالن کي جي ايم سي ماتحت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي، جنھن سان ڄاڻايل اسپتالن ۾ صحت جون جديد سھولتون فراھم ٿي سگهنديون. صحت کاتي جي ڪيل فيصلي سان سول اسپتال سکر ۾ مختلف ضلعن کان ايندڙ عوام جي رش به گھٽ ٿيندي ۽ لاڳاپيل ضلعن جي مريضن جو سندن ئي ويجهن ضلعي هيڊڪوارٽرز ۾ بھتر علاج ٿي سگهندو.