ڦل (ن پ ا) ڦل ڀرسان باهه سبب 4 ڄڻن جا گهر سامان سميت سڙي ويا. خبر موجب ڳوٺ صاحب خان کوسو ۾ نيڪ مرد صاحب خان کوسو جي اوطاق ۽ گھرن کي باهه وڪوڙي وئي، اطلاع باوجود فائر برگيڊ نه پهتي، جنهن بعد ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آندو، باهه سبب صاحب کوسو، شڪر کوسو، ظفر کوسو ۽ ٻين جي گهرن ۾ پيل اناج، ڪپڙا ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو.