ڪنري (ن پ ا) 3 سال اڳ غلطي سان ڀارت جي سرحد پار ڪرڻ تي گرفتار ٿيل ڪنري واسي نوجوان آزاد ٿي گهر پهچي ويو، خبر موجب 3 سال اڳ غلطي سان سرحد پار ڪري ڀارت ٽپي ويل نوجوان ڀاڳچند ڪولهي سزا ڪاٽڻ بعد واهگا بارڊر ذريعي واپس پاڪستان پهچي ويو آهي. 28 آگسٽ تي وطن واپس پهتل نوجوان کي مڪمل ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ بعد لاهور ۾ ايڌي سينٽر حوالي ڪيو ويو، جتان ايڌي رضاڪارن ٽرين ذريعي نوجوان کي حيدرآباد منتقل ڪيو، جتان وارث نوجوان کي ڳوٺ هوتو مالهي پنهنجي گهر وٺي آيا، ڪنري ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نوجوان ڀاڳچند ڪولهي چيو ته ھو کوکراپار ۾ مائٽن وٽ گھمڻ ويل ھو، جتان غلطي سان بارڊر پار ڪري ڀارت هليو ويو، جتي گرفتار ڪيو ويو ۽ بعد ۾ سزا پوري ٿيڻ تي آزاد ڪيو ويو. ھن ٻڌايو ته کيس راجستان جي جيل ۾ رکيو ويو، جتان آزادي ملي.