گھارو (ن پ ا) گهارو لڳ ڳوٺ يوسف خاصخيلي جي زمين معاملي تي بااثر زميندارحبيب الله ڀٽو مبينا پنهنجي  هٿياربندن سان گڏجي ڳوٺ يوسف خاصخيلي جي ڳوٺاڻن کي حراسان ڪرڻ لاءِ ڳوٺاڻن کي مبينا  هٿياربندن  سان ڌمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڳوٺاڻن مزاحمت ڪري هٿياربندن کان رائيفل ڦُري کين ڀڄڻ تي مجبورڪري ڇڏيو، جنهن دوران هٿياربندڳوٺاڻن کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا، واقعي خلاف سوين ڳوٺاڻا جنهن ۾ عورتون مرد ۽ ٻارڙا گهارو ٿاڻي پهچي ويا جتي هٿيارنندن کان ڦُريل رائيفل ٿاڻي تي جمع ڪرائي ۽ جوبدان جي گرفتاريءَلاءِ احتجاجي ڌرڻو  ھڻي احتجاج ڪيو.