لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ )لاڙڪاڻي شھر جي خانگي  ميڊيڪل سينٽر ۾ ڊليوري لاءِ آيل عورت فوت ٿي وئي، وارثن  ڊاڪٽرن مٿان غفلت جو الزام هڻندي احتجاجي مظاهرو ڪيو. محمد حسن ملگاڻي جو چوڻ هو ته مهرالنساءِ کي ڊليوري لاءِ سچل ڪالوني ۾ قائم آفتاب ميڊيڪل سينٽر  وٺي آياسين، جتي نشي وارو ڊاڪٽر موجود نه هجڻ ڪري بغير نشي جي  غلط آپريشن ڪيو ويو، جنهن سبب اسان جي عورت فوت ٿي وئي آهي جيڪا سراسر ناانصافي آهي. هن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ،ايس ايس پي سرفرار نواز شيخ کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي نوٽيس وٺي ملوث ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.