گڏاپ پوليس بحريه ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو!!

0
375

ملير : سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران بحريا ٽائون انتظاميا پاران ڪيس داخل ڪرڻ واري حڪم بعد گڏاپ پوليس پاران بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. مدعي امير علي گبول ۽ وڪيلن جي ٽيم کي گڏاپ ٿاڻي تان واپس ڪيو ويو. ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ جو چوڻ هو ته سڀاڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت جي پٽيشن داخل ڪرائي عدالت کي گذارش ڪئي ويندي ته گڏاپ پوليس کي عدالت ۾ طلب ڪري اُتي ايف آءِ آر مالڪن جي مرضي موجب ڪاٽي وڃي.