قومي ناڻي کي ڪروڙن جو نقصان پهچائيندڙن خلاف 3 ريفرنسز جي منظوري

0
460

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نيب ڪراچي ٽن ريفرنسز جِي منظوري ڏئي ڇڏي، هڪ انڪوائري انويسٽيگيشن ۾ تبديل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، ڪي ايم سي امپلائز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي اختيارين خلاف ريفرنس جي منظوري ڏني وئي، نيب موجب ڪنيز فاطمه، صوفيه سعيد ۽ ٻين جوابدارن تي قومي خزاني کي 90 ڪروڙ جو نقصان پهچائڻ جو الزام آهي.
نيب ڪراچي جي گڏجاڻي دوران سينٽرل انفارميشن امپلائيز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جَي اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر سيد محمد عدنان ۽ ٻين خلاف به ريفرنس جي منظوري ڏني وئي.
پاڻ کي نيب چيئرمين سڏائي آفيسرن سان فراڊ ڪندڙ خالد حسين سولنگي ۽ ٻين خلاف به ريفرنس جي منظوري ڏني وئي.
نيب موجب ڄاڻايل جوابدار آفيسرن ۽ واپارين سان 9 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ فراڊ ڪيو، 10 ايڪڙ زمين جِي غيرقانوني الاٽمينٽ ڪندڙ روينيو آفيسرن خلاف انڪوائري کي انويسٽيگشن ۾ تبديل ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي.