ڪوئيٽا ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي ڀرسان ڌماڪو: 2 اهلڪار زخمي

0
378

ڪوئيٽا(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪوئيٽا جي ايئرپورٽ روڊ تي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 سيڪيورٽي اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن.
پوليس موجب ايئرپورٽ روڊ تي سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي ڀرسان ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن.
پوليس موجب ڌماڪيدار مادو روڊ تي رکيو ويو هو، جيڪو سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي جي گذرڻ دوران ڦاٽي پيو.
ٻئي پاسي ريسڪيو ذريعن موجب ڌماڪي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا آهن، جن کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي.