گڊو (ن پ ا) گڊو شهر جي پٺاڻ پاڙي مان اغوا ٿيل 4 ورهين جي معصوم ٻارڙي سرفراز خان کي 6 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي، ايس ايس پي ۽ اڳوڻي ناظم پاران ورتل مهلت ختم ٿيڻ بعد مغوي ٻالڪ جي وارثن شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي  شاهه ولي، عمر خان ۽ ٻين ٻڌايو ته پوليس پاران ورتل مهلت به پوري ٿي وئي آهي پر اسان جو ٻارڙو بازياب نه ٿي سگهيو آهي، سخت پريشان آهيون، نوٽيس وٺي ٻالڪ کي بازياب ڪرايو وڃي.