ڪشمور(رپورٽر) پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري جي اينٽي ڪرپشن ھٿان گرفتاري خلاف ڪشمور شهر ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪري ڪاروباري مرڪز بند رکيا ويا ،اڳوڻي ضلعي ناظم سليم جان خان مزاري جي فرزند دائود جان خان مزاري جي اڳواڻي ۾  پريس ڪلب آڏو انڊس هاءِ وي روڊ بند ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ھندو پنچائت جي مکي  مزاري برادري جي سوين ماڻهن پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري جي حمايت ۾ نعريبازي پڻ ڪئي، ان موقعي تي  دائود جان مزاري چيو ته  انتقامي ڪارروائي ڪرائيندي   دوست محمد مزاري کي گرفتار ڪرايو ويو آهي، هن چيو ته  ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي آهي ھڪ ٻن ڏينهن اندر دوست محمد مزاري آزاد ٿي ويندو،  ثابت ڪنداسين ته پنجاب حڪومت انتقام جي سياست ڪري عزتدار ماڻهن جي عزت تي وار ڪيو آهي.