گپچاڻي (ن پ ا) گپچاڻي ۾ مزدا جو ذھني درويش کي ٽڪر، سخت زخمي، گپچاڻي پوليس زخمي کي نواب شاھ اسپتال کڻائي وئي. گپچاڻي شھر جي مين چوڪ تي سانگهڙ نواب شاهه روڊ تي بيٺل اڻڄاتل ذھني درويش شخص مزدا گاڏي جي ٽڪر ۾ سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي گپچاڻي پوليس نواب شاهه اسپتال کڻي وئي، مزدا ڊرائيور کي پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. هوڏانهن شھرين ٻڌايو ته همراهه جو ذھني توازن درست نه آھي جيڪو وچ روڊ تي ويٺل هو جنهن ڪري کيس گاڏيءَ جو ٽڪر لڳي ويو.