گپچاڻي ( ن پ ا )گپچاڻي يونين ڪائونسل جي هڪ ضلعي ڪائونسل ۽ 2 جنرل ڪائونسلرن جا فارم رد ٿي ويا خبرموجب يونين ڪائونسل گپچاڻي ضلعي ڪائونسل جي ميمبر جي ڊي اي جي نامزد اميدوارمحمد ملوڪ رند  مسلم ليگ ف وارڊ 2 جي جنرل ڪائونسلر جي نامزد اميدوار راشد ڏاهري ۽ جي يو آءِ پاران وارڊ 2 لاءِ نامزد اميدوار گل محمد گپچاڻي جا پڻ نامزدگي فارم رد ٿي ويا آھن هوڏانهن مسلم ف گپچاڻي جي صدر سرفراز گپچاڻي ۽ جي يو آءِ گپچاڻي جي چيئرمن جي نامزد اميدوار ايڊووڪيٽ عبدالفتاح چيو ته حڪومتي ڌر جي اميدوارن جي چوڻ تي اسان جي اميدوارن جا فارم رد ڪيا ويا آھن اسان اهڙي فيصلي خلاف عدالت وينداسين.