نوشهرو فيروز ميونسپل ڪاميٽي تي ماهه نور شيخ جو فارم بحال

0
362
نوشهرو فيروز ميونسپل

نوشهروفيروز (رپورٽر) ميونسپل ڪاميٽي نوشهروفيروز تي پھريون ڀيرو ھڪ نوجوان عورت ماھه نور شيخ مڪاني چونڊ وڙهندي، سندس نامينيشن فارم بحال ٿي ويو آهي، نامينيشن فارم بحال ٿيڻ تي شھرين جي وڏي انگ پاران سوشل ميڊيا تي مھم ھلائي ووٽن کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪئي پئي وڃي

ميونسپل ڪميٽي نوشهروفيروز جي وارڊ نمبر 14 جيڪو ٻھراڙيءَ تي مشتمل وارڊ آھي ان وارڊ تان ماھ نور شيخ نامينيشن فارم جمع ڪرايو آھي ۽ ڪنھن سياسي پارٽي کي ٽڪيٽ لاءِ درخواستون ڪرڻ بجاءِ آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙھي رھي آھي

ماھ نور شھر جي آس پاس ۾ تعليمي جاڳرتا مھم ھلائڻ سان گڏ تعليم جي واڌاري لاءِ ڳوٺ بچل مھر ۾ پنھنجي مدد پاڻ تحت اسڪول ھلائڻ سان گڏ نوجوانن جي سياسي سماجي تربيت لاءِ ھر ھفتي آگاھي سينٽر تي ڪلاس ھلائي رھي آھي ۽ شھرن جي مسئلن سميت سنڌ جي قومي مسئلن بابت سمورين ڌرين سان گڏ ھر احتجاج ۾ شامل رھي ٿي

ان سلسلي ۾ ماھ نور شيخ ٻڌايو ته عورتون کي مسئلن کي بھترين نموني سان سجھي حل ڪري سگھن ٿيون. ان ڪري عورتن کي بلدياتي چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ گھرجي. ھن چيو ته چونڊن ۾ ڪامياب ٿي پنھنجي تڪ جا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون وٺنديس

ھي به پڙھندا

ڪنڊيارو ۾ پهرين عورت اميدوار چونڊن جي ميدان ۾ لٿل