گپچاڻي (ن پ ا) گپچاڻي ڀرسان ڪارنهن الزام ۾ قتل ٿيل ناري جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي، ناريءَ کي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. مقتول ناري جي قتل جو ڪيس گپچاڻي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو. گپچاڻي ڀرسان ڳوٺ دوست محمد مغل ۾ مڙس ميهر الدين سولنگي پاران ڪارنهن الزام ۾ گهٽا ڏئي قتل ڪيل ناري اميران سولنگي جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته ناري کي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن مقتول ناريءَ جي ماءُ گلزارن سولنگي جي فرياد تي گپچاڻي ٿاڻي تي جوابدار ميهرالدين سولنگي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.